Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:10 - Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو ابراھيم انھيءَ شھر جو اميدوار ھو، جنھن جو بنياد پيل آھي ۽ جنھن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو هو انهي شهر جو اُميدوار هو جنهن جو بنياد پيل آهي، ۽ جنهن جو معمار ۽ اڏيندڙ خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ابرهام انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو رچيندڙ ۽ اڏيندڙ خود ايشور آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ابراهيم انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منھنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آھن. آءٌ اوھان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو آھيان. جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ آءٌ اوھان کي نہ ٻڌايان ھا.


ڇالاءِ⁠جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن اسان جو جسم جيڪو جھوپڙيءَ جھڙو ڪچو گھر آھي، ڊاھيو ويندو تہ اسان کي خدا کان آسمان تي ھڪڙو پڪو گھر ملندو. اھو ھٿن سان جوڙيل نہ آھي، بلڪ ھميشہ قائم رھندڙ آھي.


پر اسان جو وطن آسمان تي آھي ۽ اسين وڏي چاھہ سان ھڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان اچڻ جو انتظار ٿا ڪريون.


پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي.


پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.


تنھنڪري اچو تہ اھڙي بادشاھت حاصل ڪريون، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناھي. اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اھڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اھا خدا کي پسند اچي.


ڇالاءِ⁠جو ھتي اسان جو ڪو قائم رھڻ وارو شھر ڪونھي، بلڪ اسين اھڙي شھر جي ڳولا ۾ آھيون جيڪو اچڻ وارو آھي.


ڇالاءِ⁠جو ھر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ ھوندو آھي، پر جنھن سڀ ڪجھہ بڻايو سو خدا ئي آھي.


مون پاڪ شھر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو. اھو انھيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو ھو، جيڪا پنھنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ