Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:5 - Common Language New Testament

5 تنھنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مھل چيو تہ ”تو قربانيءَ ۽ نذراني کي نہ چاھيو، پر تو منھنجي لاءِ ھڪڙو بدن تيار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تنهنڪري دنيا ۾ اچڻ مهل هو هيئن ٿو چوي، تہ ”قرباني ۽ نذراني کي تو پسند نہ ڪيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تنهنڪري ئي مسيح سنسار ۾ اچڻ مهل ايشور کي چيو تہ ”تو ٻليدان ۽ ڀيٽا نہ چاهي، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو شرير تيار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تنهنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مهل خدا کي چيو تہ ”تو قرباني ۽ نذرانو نہ چاهيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:5
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.


انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.


پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو.


انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.


وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“


خدا جي انھيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي ھڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ڪيا ويا آھيون.


تڏھن مون چيو جيئن پاڪ ڪتاب ۾ منھنجي باري ۾ لکيل آھي تہ ’ڏس، آءٌ آيو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ اي خدا! تنھنجي مرضي پوري ڪريان.‘“


پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“


جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي.


عيسيٰ پنھنجي جسماني زندگيءَ ۾ زارون زار روئي ۽ دانھون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انھيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي.


ھو پاڻ اسان جا گناھہ پنھنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙھيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين گناھن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي خاطر جيئون. ھن جي مار کائي زخمي ٿيڻ جي ڪري اوھين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


ڇالاءِ⁠جو ڪيئي گمراھہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي عيسيٰ مسيح جي انساني صورت ۾ اچڻ جو انڪار ٿا ڪن. اھڙي قسم جو شخص گمراھہ ڪندڙ ۽ مسيح جو دشمن آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ