Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:4 - Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرين جو رت گناھن کي مٽائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو اهو ناممڪن آهي تہ ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهہ مٽائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت پاپن کي مِٽائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهن کي مِٽائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ضروري آھي تہ انسان انھيءَ کي ئي ساريءَ دل، سڄي سمجھہ ۽ سڄيءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنھنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جھڙو پيار ڪري. اھو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان⁠گاھہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آھي.“


ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.


جڏھن آءٌ ھنن جا گناھہ ميٽي ڇڏيندس، تڏھن ساڻن منھنجو اھو ھڪڙو عھد ٿيندو.“


حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سال⁠بسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.


ھر ھڪ ڪاھن روزانو بيھي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ ھر ھر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙھي، جيڪي ڪڏھن بہ گناھن کي مٽائي نہ ٿيون سگھن.


پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“


اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.


اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ