Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:20 - Common Language New Testament

20 عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان ھڪ نئون ۽ جيئرو رستو کوليو آھي ۽ اھو پردو سندس جسم آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ جڏهن هن نئون ۽ جيئرو رستو پردي يعني پنهنجي جسم منجهان اسان لاءِ مخصوص ڪيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 يسوع اسان جي لاءِ پردي منجھان هڪ نئون ۽ جيون ڏيندڙ رستو کولي ڇڏيو آهي ۽ اهو سندس شرير جي ٻليدان وسيلي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان هڪ نئون ۽ زندگي ڏيندڙ رستو کولي ڇڏيو آهي ۽ اهو سندس بدن جي قربانيءَ وسيلي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ دم ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏونگر ڏري پيا.


تڏھن ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو.


سج ڪاراٽجي ويو ۽ ھيڪل جو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو.


سو عيسيٰ وري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ رڍن لاءِ اھو در آءٌ آھيان.


آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


سو ھن اھا دشمني جيڪا شريعت جي حڪمن وارن قانونن ۾ ھئي سا پنھنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏي، تہ جيئن کين پاڻ سان ملائي ٻنھي مان ھڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي.


انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.


اھا اميد اسان جي جان لاءِ اھڙي لنگر مثل آھي، جيڪو مضبوط ۽ قائم آھي. اھا پردي جي پٺيان اندرين ھيڪل تائين بہ وڃي پھچي ٿي.


ٻئي پردي جي پٺيان اھو ڪمرو ھو جنھن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو ھو.


انھيءَ مان پاڪ روح ھي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پھريون ڪمرو بيٺو آھي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو کليل نہ آھي.


تنھنڪري مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري اوھان جي گناھن جي ڪري مئو يعني سچار گنھگارن لاءِ، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي خدا تائين پھچائي. ھو جسم جي اعتبار کان تہ ماريو ويو، پر روح جي اعتبار کان جيئرو ڪيو ويو.


خدا جي روح کي اوھين ھن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو روح قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح انساني صورت ۾ آيو، سو خدا جي طرفان آھي.


ڇالاءِ⁠جو ڪيئي گمراھہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي عيسيٰ مسيح جي انساني صورت ۾ اچڻ جو انڪار ٿا ڪن. اھڙي قسم جو شخص گمراھہ ڪندڙ ۽ مسيح جو دشمن آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ