Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 1:6 - Common Language New Testament

6 وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن وري هو پهريتو پٽ دنيا ۾ آڻي ٿو، تڏهن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ انهي کي سجدو ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي پٽ کي سنسار ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون ايشور جا سڀ دوت هن جي اڳيان سيس نوائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي فرزند کي دنيا ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون خدا جا سڀ ملائڪ هن کي سجدو ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 1:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاھت جي ھن خوشخبريءَ جي منادي سڄي دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاھدي ٿئي. تنھن کان پوءِ ھن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“


ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي اڳي ئي ڄاتو ٿي ۽ کين پنھنجي فرزند جھڙو ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ھئائين تہ سندس فرزند گھڻن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ پھريتو ٿئي.


خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنھن جي ظاھري صورت مسيح آھي. ھو ساري مخلوقات کان مٿاھون آھي.


اھو ئي بدن، يعني ڪليسيا جو سر آھي. اھو ئي منڍ آھي ۽ اھو ئي پھريون شخص آھي جيڪو مئلن منجھان جي اٿيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ ھن کي اول درجو ھجي.


ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس ۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“


تنھنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مھل چيو تہ ”تو قربانيءَ ۽ نذراني کي نہ چاھيو، پر تو منھنجي لاءِ ھڪڙو بدن تيار ڪيو.


ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن.


خدا پنھنجو پيار اسان سان ھن طرح ظاھر ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ جيئن انھيءَ جي وسيلي اسين جيئرا رھون.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ