Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 1:2 - Common Language New Testament

2 پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هاڻي هن زماني جي پڇاڙيءَ ۾ اسان سان فرزند جي معرفت ڪلام ڪيو اٿس، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو، ۽ جنهن جي وسيلي هن جهان بہ پيدا ڪيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر هاڻي هن آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 1:2
70 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دشمن جنھن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آھي. لابارو آھي آخرت جو ڏينھن ۽ لاباري وارا آھن ملائڪ.


اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“


پر جڏھن باغائين ھن جي پٽ کي ڏٺو تڏھن انھن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھيءُ مالڪ جو وارث آھي. اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘


پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو. وري ھن چيس تہ ”زندہ خدا جي نالي تي ھاڻي آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح، خدا جو فرزند آھين؟“


عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.


پوءِ آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.“


عيسيٰ مسيح ابن خدا جي خوشخبري ھن ريت شروع ٿئي ٿي:


باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو ھوس. تنھن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانھن موڪليائين، جو پڪ ھيس تہ ھو انھيءَ جي عزت ڪندا.


پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘


ڪلام دنيا ۾ ھو ۽ ھن جي ئي وسيلي دنيا پيدا ڪئي ويئي، تہ بہ دنيا ھن کي نہ سڃاتو.


ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.


سڀيئي شيون ھن جي وسيلي پيدا ٿيون آھن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آھي، سا ھن کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آھي.


عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘


جيڪڏھن خدا جو جلوو ابن⁠آدم جي معرفت ظاھر ٿيندو تہ خدا بہ ھن کي پاڻ جلوو ڏيندو، بلڪ اِجھو، ھاڻي ٿو ڏئيس.


ھن کان پوءِ آءٌ اوھان کي نوڪر نہ سڏيندس، ڇاڪاڻ⁠تہ نوڪر کي خبر نہ ھوندي آھي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رھيو آھي. پر مون اوھان کي دوست ڪري سڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڳالھيون مون پنھنجي پيءُ کان ٻڌيون آھن سي سڀ اوھان کي ٻڌايون اٿم.


جيڪي ڪجھہ منھنجي پيءُ جو آھي سو منھنجو آھي. اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي چيو تہ پاڪ روح منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو.“


ڇالاءِ⁠جو تو کيس سڀني ماڻھن تي اختيار ڏنو آھي تہ ھو انھن کي دائمي زندگي بخشي جيڪي تو کيس ڏنا آھن.


ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


يحيٰ جي ڪن شاگردن جو ھڪ يھودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسم بابت بحث ٿيو.


جيئن پيءُ زندگيءَ جو وسيلو آھي، تيئن ھن پنھنجي فرزند کي بہ زندگيءَ جو وسيلو بڻايو آھي،


۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ⁠جو ھو ابن⁠ آدم آھي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالھايو ھو، پر انھيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.“


اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.


خدا فرمائي ٿو تہ ’پوين ڏينھن ۾ ھيئن ٿيندو جو آءٌ پنھنجو روح سڀني ماڻھن تي نازل ڪندس. اوھان جا پٽ ۽ ڌيئرون اڳڪٿيون ڪنديون، اوھان جا جوان رويا ڏسندا ۽ اوھان جا پوڙھا خواب ڏسندا.


پر پاڪيزگيءَ واري روح جي لحاظ کان ھو خدا جي وڏي قدرت وارو فرزند ثابت ٿيو، جڏھن ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو.


جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.


بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي.


تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون.


پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو.


انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن.


۽ سڀني ماڻھن تي اھا ڳالھہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل ھو تنھن جو انتظام ڪھڙو آھي.


ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس ۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“


پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ ”اي خدا! تنھنجو تخت ھميشہ تائين قائم رھندو، ۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.


ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ ڪائنات خدا جي حڪم سان بڻي آھي، يعني جيڪي ڪجھہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ شين مان بڻيو آھي.


تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.


تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون.


جيتوڻيڪ ھو فرزند ھو، تڏھن بہ ھن ڏک سھي ڪري فرمانبرداري سکي.


ھن ڪري جو شريعت تہ انھن ماڻھن کي سردار ڪاھن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور آھن، پر اھو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ کنيو ويو، سو انھيءَ فرزند کي مقرر ٿو ڪري جيڪو ھميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آھي.


ھو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آھي. نہ سندس عمر جي شروعات آھي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ ھو خدا جي فرزند جھڙو ڪيو ويو تہ جيئن ھميشہ لاءِ ڪاھن رھندو اچي.


⁠نہ⁠تہ جھان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس ڏک سھڻو پوي ھا. پر ھاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ ھو ھڪڙو ئي ڀيرو ظاھر ٿيو، انھيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناھہ کي مٽائي ڇڏي.


دنيا جي بنائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو ھو. پر ھن آخري زماني ۾ اوھان جي خاطر کيس ظاھر ڪيو ويو.


سڀ کان پھريائين اوھان کي اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ آخري ڏينھن ۾ اھڙا ٺٺوليون ڪندڙ ايندا، جيڪي پنھنجين برين خواھشن موجب ھلندا.


اُھي اوھان کي چوندا ھئا تہ ”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻھو ھوندا، جيڪي پنھنجين بدڪاريءَ وارين خواھشن جي پيروي ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ