Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 1:1 - Common Language New Testament

1 اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالھايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 قديم زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن سان نبين جي معرفت، ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي نمونن سان ڪلام ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اڳئين زماني ۾ ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 1:1
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن پنھنجي واعدي موجب، اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي ۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


جڏھن سچ جو پاڪ روح ايندو، تڏھن ھو اوھان کي سموري سچ ڏانھن وٺي ويندو. ھو پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ڳالھائيندو، پر جيڪي ڳالھيون ٻڌندو سي ئي چوندو ۽ جيڪي ٿيڻو آھي سو اوھان کي کولي ٻڌائيندو.


موسيٰ اوھان کي طھر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، پر حقيقت ۾ اھو موسيٰ جي طرفان نہ بلڪ اوھان جي ابن ڏاڏن جي طرفان آھي. تنھنڪري اوھين سبت جي ڏينھن تي بہ پنھنجن ٻارن جا طھر ڪرائيندا آھيو.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالھايو ھو، پر انھيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.“


خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو تنھن جي خوشخبري اسان آندي آھي،


ھو نبي ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا ھن سان انھيءَ ڳالھہ جو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو تہ ’آءٌ تنھنجي اولاد مان ھڪڙي کي تخت تي ويھاريندس.‘


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.


انھيءَ ئي پٽ جي باري ۾ خدا چيو ھوس تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل جاري ٿيندو.“


اھو انھن جو ايمان ئي ھو جو اڳئين زماني جي ماڻھن خدا جي رضا حاصل ڪئي ھئي.


خبردار، انھيءَ ڳالھائڻ واري جو انڪار نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن زمين تي ھدايت ڪرڻ واري جو انڪار ڪيو تہ اھي بچي نہ سگھيا، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي سگھنداسين، جيڪڏھن انھيءَ کان منھن موڙينداسين جيڪو آسمان مان ھدايت ٿو ڪري؟


ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رھيو ۽ جنھن ان ڪلام کي نہ مڃيو ۽ ان جي نافرماني ڪئي تنھن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.


تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.


ھاڻي موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالھيون پوءِ بيان ٿيڻيون ھيون، تن جي شاھدي ڏئي.


سو جيڪڏھن يشوع انھن کي آرام ۾ داخل ڪري ھا تہ خدا انھيءَ کان پوءِ ڪنھن ٻئي ڏينھن جو ذڪر نہ ڪري ھا.


ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاھن ٿيڻ جي عزت پاڻ نہ ڏني، بلڪ خدا کيس چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان.“


جڏھن موسيٰ شريعت جو ھر حڪم ساريءَ قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏھن ھن گابن ۽ ٻڪرين جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، قرمزي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ ساريءَ قوم تي ڇٽڪاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ