Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:3 - Common Language New Testament

3 آءٌ ھر ھڪ طھر ڪرائيندڙ شخص کي ٻيھر چتاءُ ٿو ڏيان تہ اھو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 آئون سڀ ڪنهن ختني ٿيل ماڻهوءَ تي وري بہ شاهدي ٿو ڏيان، تہ اُهو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻَڌل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ ختنو ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي نيم تي عمل ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ طهر ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي شريعت تي عمل ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آھي اوھان لاءِ اي انڌا اڳواڻو! اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو ھيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘


اوھين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘


جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آھن، سو ھو انھن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اھي بہ ھن عذاب جي جاءِ ۾ اچن.‘


ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“


پطرس انھن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي ھن بڇڙي زماني کان بچايو.“


يھودين ۽ غير⁠قوم وارن ٻنھي کي چتاءُ ڏنو اٿم تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


طھر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آھي، پر تڏھن جڏھن تون شريعت تي عمل ڪرين. پر جيڪڏھن تون شريعت تي عمل ئي نہ ٿو ڪرين تہ پوءِ تنھنجو طھر جھڙو ٿيو تھڙو نہ ٿيو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“


ڌيان سان ٻڌو، آءٌ پولس اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪڏھن اوھين طھر ڪرائيندا تہ مسيح کان اوھان کي ڪوبہ فائدو نہ پھچندو.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


تنھنڪري آءٌ خداوند جي نالي اوھان کي زور ڏيندي چوان ٿو تہ اوھين اڳتي اھڙيءَ طرح نہ ھلو، جھڙيءَ طرح غير قومون پنھنجن اجاين خيالن موجب ھلن ٿيون.


سو انھيءَ معاملي ۾ ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان سان زيادتي يا ٺڳي نہ ڪري. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوھان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آھي تہ خداوند اھڙن سڀني گناھن جي سزا ڏيندو.


اسان ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ٿا ڏيون تہ پيءُ پنھنجي فرزند کي جھان جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ