Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:22 - Common Language New Testament

22 پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 پر پوِتر آتما جو ڦل آهي پيار، خوشي، شانتي، صبر، ڪرپا، نيڪي، وفاداري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر پاڪ روح جو ڦل آهي پيار، خوشي، سلامتي، صبر، مهرباني، نيڪي، وفاداري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:22
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪڏھن وڻ سٺو آھي تہ ميوو بہ سٺو ڏيندو ۽ جيڪڏھن وڻ خراب آھي تہ ميوو بہ خراب ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي.


جيڪڏھن پوءِ ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، ⁠نہ⁠تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“


اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنھن کي ھو ڪڍي ڇڏي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنھن کي ھو ڇانگي ٿو تہ جيئن اھا وڌيڪ ميوو ڏئي.


آءٌ ڊاک جي ول آھيان ۽ اوھين منھنجون ٽاريون آھيو. جيڪو مون ۾ رھي ٿو، تنھن ۾ آءٌ رھان ٿو ۽ اھو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇالاءِ⁠جو اوھين مون کان سواءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آھي تہ اوھين نيڪيءَ سان ڀريل آھيو، علم سان ڀرپور آھيو ۽ ھڪ ٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.


ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھليو، پر جيئن لکيل آھي تہ ”جن تو کي طعنا ھنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل ⁠وَ جان سان خدا کان منھنجي لاءِ دعا گھرو،


پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.


منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھڙيءَ طرح عيسيٰ جي جسماني موت جي وسيلي اوھين بہ شريعت جي نسبت ۾ مري ويا آھيو. ھاڻي اوھين مسيح جي بدن جا عضوا آھيو ۽ اوھين انھيءَ جا ئي آھيو جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ اسين خدا جي لائق ڦل جھليون.


جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.


مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اھي ٽيئي قائم آھن. پر انھن ٽنھي ۾، محبت اتم آھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آھيو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي جسماني خواھشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ محبت جي رستي ھڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


اوھان جي دل ۽ دماغ پوريءَ طرح نئون ٿيڻ گھرجي.


ھن ڪري جو روشنيءَ جو ڦل ھر طرح جي چڱائيءَ، صداقت ۽ سچائيءَ ۾ آھي.


شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.


اھا دعا اسين انھيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوھين پنھنجي زندگي خداوند جي لائق گذاري سگھو، ھن کي ھر طرح خوش رکي سگھو ۽ ھر ڪنھن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


ھيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻھن کان بچيل رھون، ڇالاءِ⁠جو سڀ ڪنھن ۾ ايمان ڪونھي.


ساڳئي نموني خدمتگار عورتن کي بہ سنجيدہ رھڻ گھرجي. اھي گلا ڪندڙ نہ، بلڪ پرھيزگار ۽ ھر ڳالھہ ۾ ڀروسي جھڙيون ھجن.


ڪوبہ ماڻھو تو کي جوانيءَ سبب حقارت جي نظر سان نہ ڏسي، بلڪ تون ڳالھہ ٻولھہ ۾، ھلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾، ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


جيتوڻيڪ اوھان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي، تڏھن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوھين ھاڻي بہ کيس نہ ٿا ڏسو، تڏھن بہ مٿس ايمان ٿا آڻيو ۽ ايتري تہ عظيم خوشيءَ سان ڀرپور آھيو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي،


آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ