Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:17 - Common Language New Testament

17 ڇالاءِ⁠جو انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواھش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. ھي ٻئي ھڪٻئي جا دشمن آھن، انھيءَ ڪري جيڪي اوھين ڪرڻ چاھيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پوِتر آتما جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پوِتر آتما انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جون دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:17
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مون سان نہ آھي سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي.


عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي.


عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. منھنجي راھہ ۾ تون رڪاوٽ آھين، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر ٿو سوچين.“


جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“


سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ ٻڌل آھيان.“


ھن انھن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ستا پيا آھيو؟ اٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو.“


انسان جسماني طرح پنھنجي ماءُ⁠پيءُ مان پيدا ٿيندو آھي، پر روحاني طرح پاڪ روح مان پيدا ٿيندو آھي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏھن پاڪ روح جي وسيلي جسم جي نفساني خواھشن کي فنا ڪندا تہ جيئرا رھندا.


تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا.


اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ