Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:11 - Common Language New Testament

11 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ھن وقت تائين آءٌ اھا تبليغ ڪريان ٿو تہ طھر ڪرائڻ ضروري آھي، تہ پوءِ آءٌ ڇو ٿو اڃا تائين ستايو وڃان؟ جيڪڏھن ائين ھو تہ پوءِ منھنجي صليب جي تبليغ ٿاٻڙائڻ جو باعث نہ رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پر اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اڃا تائين ختني جي منادي ٿو ڪريان تہ پوءِ ڇو ٿو ستائجان؟ پوءِ صليب ٺوڪر جو باعث نہ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جيڪڏهن اڃا تائين آءٌ اهو پرچار ڪريان ٿو تہ ختنو ڪرائڻ ضروري آهي، تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ ڇو ٿو ستايو وڃان؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ سوليءَ وارو منهنجو پرچار ڪنهن لاءِ بہ ٺوڪر جو سبب نہ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيڪڏهن اڃا تائين آءٌ اها تبليغ ڪريان ٿو تہ طهر ڪرائڻ ضروري آهي، تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ ڇو ٿو ستايو وڃان؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ صليب واري منهنجي تبليغ ڪنهن لاءِ بہ ٺوڪر جو سبب نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پولس جي مرضي ھئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلي، تنھنڪري ھن سندس طھر ڪرايو. ھن اھو انھيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رھندڙ سڀني يھودين کي خبر ھئي تہ تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.


تنھنجي نالي ٻڌو اٿن تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يھودي آھن، تن سڀني کي تون چوين ٿو تہ موسيٰ جي شريعت تي عمل نہ ڪن، ٻارن جو طھر نہ ڪرائين ۽ پنھنجن ريتن رسمن تي نہ ھلن.


انھن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. ھي اھو ماڻھو آھي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻھن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ ھن ھيڪل جي خلاف ڀڙڪائي ٿو. ھن ھاڻي ڪن غير قوم وارن کي بہ ھيڪل ۾ آڻي ھن مقدس جاءِ جي بي⁠حرمتي ڪئي آھي.“


سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بي⁠وقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي.


پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


جيستائين اسان جو واسطو آھي، اسين ھر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟


جيتوڻيڪ طيطس، جيڪو مون سان گڏ ھو، سو يوناني ھو تڏھن بہ انھن کيس طھر ڪرائڻ لاءِ زور نہ ڀريو.


اي نادان گلتيو! ڪنھن اوھان تي جادو ڪيو آھي؟ اوھان جي اکين اڳيان تہ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙھي سندس موت جو منظر ظاھر ظھور ڏيکاريو ويو.


پر جيئن انھيءَ وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، پاڪ روح موجب پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو ھو، تيئن ئي ھاڻي بہ ٿئي ٿو.


جيڪي ماڻھو ظاھري ڏيک پسند ڪن ٿا، سي اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھو رڳو انھيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب جي خاطر ستايا نہ وڃن.


اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻھو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي بدن تي جيڪي داغ آھن سي ظاھر ڪن ٿا تہ آءٌ مسيح جو غلام آھيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ