Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:24 - Common Language New Testament

24 انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 انهن ڳالهين ۾ هڪڙو مثال آهي: ڇالاءِ جو اهي زالون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن؛ هڪڙو سينا جبل وارو، جنهنڪري غلام ئي پيدا ٿا ٿين، ۽ اُها آهي هاجرہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ ناريون ڄڻ تہ ٻہ ٻڌل وچن آهن. انهن مان هڪڙي ناري هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري ٻڌل وچن مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن. انهن مان هڪڙي عورت هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري عهد مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:24
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالھائيندس ۽ اُھي ڳالھيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آھن.“


اوھان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو آھي جو اوھان کي وري ڊپ ٿئي، پر اوھان کي اھو روح مليو جنھن جي وسيلي اوھين خدا جا ٻار ٿيا آھيو ۽ جنھن سان اسين خدا کي ”بابا“ ڪري ٿا سڏ ڪريون.


ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن.


ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي.


ساڳيءَ طرح اسين بہ جڏھن ٻار ھئاسين تڏھن دنيا جي ابتدائي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رھياسين.


مسيح اسان کي آزاد رھڻ لاءِ ئي آزادي ڏني آھي. تنھنڪري اوھين انھيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.


ڇالاءِ⁠جو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.


اوھين نئين عھد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ انھيءَ ڇٽڪاريل رت وٽ آيا آھيو، جيڪو ھابيل جي رت کان بھتر ڳالھيون ٿو ڪري.


اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو.


انھيءَ قسم جي ڪري عيسيٰ ھڪ بھتر عھد جو ضامن ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ