Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:21 - Common Language New Testament

21 اوھين جيڪي شريعت جي تابع رھڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوھين شريعت جون ڳالھيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 اوهين جي شريعت جي ماتحت رهڻ ٿا گهُرو، سي مون کي ٻُڌايو تہ اوهين شريعت نٿا ٻُڌو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 اوهين جيڪي موسيٰ جي نيم جي وس هيٺ رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين نيم جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اوهين جيڪي شريعت جي تابع رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين شريعت جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ اوھان کي ڪھڙو حڪم ڏنو آھي؟“


تنھن تي ابراھيم وراڻيس تہ ’انھن وٽ موسيٰ ۽ نبي موجود آھن، ڀلي تہ انھن جي ٻڌن.‘


عيسيٰ چيو تہ ”ڇا اوھان جي شريعت ۾ اھو لکيل نہ آھي تہ خدا چيو تہ ’اوھين خدا جا فرزند آھيو.‘


تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“


پر اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن شريعت ۾ لکيل آھي سو پورو ٿئي تہ ’انھن مون کان ناحق نفرت ڪئي آھي.‘


ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت رڳو انھن تي واجب آھي، جيڪي شريعت تحت رھن ٿا. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو تہ ڪوبہ ماڻھو ائين چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس گناھہ جي خبر ڪانہ ھئي، بلڪ سڄي دنيا خدا ڏانھن جوابدار آھي.


ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“


پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ