Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:18 - Common Language New Testament

18 پنھنجي طرف ڪرڻ جو جذبو تہ سٺي ڳالھہ آھي، بشرطيڪ نيت صاف ھجي. پر ائين ھميشہ ڪيو وڃي، نہ رڳو تڏھن جڏھن آءٌ اوھان ۾ موجود ھجان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هاڻي ڪنهن چڱي سبب ڪري ماڻهوءَ کي پيار ڪرڻ گهرجي ۽ نہ فقط منهنجي روبرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن سندس شاگردن کي اھو لکيو ياد آيو تہ ”اي خدا! تنھنجي گھر لاءِ منھنجي غيرت مون کي جلائيندي.“


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


جيئن تہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ مون پھرين دفعي جسم جي ھيڻائيءَ ۽ بيماريءَ سبب اوھان کي خوشخبري ٻڌائي ھئي.


اھي شريعت جا پابند اوھان کي پنھنجو بنائڻ جي ڪوشش تہ ڪن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آھي. اھي اوھان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاھين ٿا تہ جيئن اوھين رڳو انھن کي ئي پنھنجو سمجھو.


شل ھاڻي ئي آءٌ اوھان وٽ حاضر ٿي ڪنھن ٻئي نموني ڳالھايان، ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان بابت ڏاڍو مونجھارو آھي.


ڇا بہ ٿي پوي اوھين پنھنجي روزاني زندگي مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوھان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اھو ٻڌان تہ اوھين ھڪڙي ئي روح ۾ قائم آھيو ۽ ھڪ دل ٿي ڪري گڏجي جانفشاني ڪندا ٿا رھو تہ ماڻھو خوشخبريءَ تي ايمان آڻين.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آھيان تن کي تنبيھہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آھيان، تنھنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ