Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:13 - Common Language New Testament

13 جيئن تہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ مون پھرين دفعي جسم جي ھيڻائيءَ ۽ بيماريءَ سبب اوھان کي خوشخبري ٻڌائي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر اوهين ڄاڻو ٿا تہ پهريون ڀيرو مون اوهان کي جسم جي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري، خوشخبري ٻُڌائي هئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ شرير جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ جسم جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي.


آءٌ اوھان وٽ ڪمزوري، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رھيس.


ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“


جيڪڏھن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انھن ڳالھين تي فخر ڪندس، جيڪي منھنجي ڪمزوري ظاھر ڪن ٿيون.


پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بي⁠ھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي.


جيتوڻيڪ ھو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙھيو ويو، تڏھن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آھي. اھڙيءَ طرح اسين بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري ڪمزور آھيون، پر خدا جي قدرت سان اوھان جي خدمت لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.


مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنھن اوھان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنھن کان اوھين ايترو جلد ڦري ڪنھن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانھن ٿا وڃو،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين مون جھڙا ٿيو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ بہ اوھان جھڙو ٿيو آھيان. اوھان مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آھي.


جيتوڻيڪ منھنجي جسماني حالت اوھان لاءِ ھڪ آزمائش ھئي تڏھن بہ اوھان مون کي نہ ڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوھان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر قبول ڪيو.


پنھنجي طرف ڪرڻ جو جذبو تہ سٺي ڳالھہ آھي، بشرطيڪ نيت صاف ھجي. پر ائين ھميشہ ڪيو وڃي، نہ رڳو تڏھن جڏھن آءٌ اوھان ۾ موجود ھجان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ