Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:8 - Common Language New Testament

8 پاڪ ڪلام جي پيشنگوئي ھئي تہ خدا غير قومن کي ايمان جي وسيلي سچار بڻائيندو. سو ھن اڳي ئي اھا خوشخبري ابراھيم کي ٻڌائي تہ ”تنھنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ ڳالهہ جي پاڪ ڪلام اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ خدا غير قومن کي ايمان آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابراهيم کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:8
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ٻي لکت ۾ آھي تہ ”ماڻھو انھيءَ ڏانھن ڏسندا، جنھن کي نيزو ھنيو ھئائون.“


جيڪو بہ مون تي ايمان آڻيندو، تنھن لاءِ لکيل آھي تہ ’سندس اندر مان زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وھنديون.‘“


پاڪ ڪتاب جي لکت مطابق تہ مسيح دائود جي نسل مان ھوندو ۽ بيت⁠لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جنھن ۾ دائود رھندو ھو.“


جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان.“‘


ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“


تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي.


ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي.


پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.


مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ اھو تہ ”ٻانھيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. ڇالاءِ⁠جو ٻانھيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ ھرگز وارث نہ ٿيندو.“


ڇالاءِ⁠جو اسان کي بہ انھن وانگر ئي خوشخبري ٻڌائي ويئي. پر جيڪو پيغام انھن ٻڌو تنھن کين ڪو فائدو نہ رسايو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان سان نہ ٻڌو.


جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ