Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:27 - Common Language New Testament

27 انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان جيترن بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ جي بپتسما ورتي تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 هن ڪري جو اوهان مان جيترن بہ مسيح ۾ شامل ٿيڻ جي بپتسما ورتي، تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:27
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پھرايوس، سندس ھٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.


سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.


تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


ڇالاءِ⁠جو اڃا انھن تي پاڪ روح نازل نہ ٿيو ھو. انھن رڳو خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي.


ھڪدم ڪا شيءِ مڇيءَ جي ڇلڙ وانگر شائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ ھو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. ھو اٿي بيٺو ۽ بپتسما ورتائين.


پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي.


اھڙيءَ طرح ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ موسيٰ جي بپتسما ورتي.


جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو.


اوھين نئين فطرت ڍڪيو، جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب حقيقي سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آھي.


۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي.


انھيءَ جو صحيح مثال بپتسما آھي، جيڪا ھاڻي بہ اوھان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اھا ناھي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، بلڪ اھا آھي تہ نيڪ⁠نيتيءَ سان خدا جو طلبگار ٿجي. اھا بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جي اٿڻ جي وسيلي اوھان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ