Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:21 - Common Language New Testament

21 تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تڏهن شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آهي ڇا؟ اصل ئي نہ، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها، جا زندگي بخشي سگهي ها، تہ جيڪر راستبازي شريعت جي وسيلي هجي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 تہ پوءِ نيم ايشور جي وچن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪو اهڙو نيم ڏنو وڃي ها جيڪو جيون ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي نيم جي وسيلي ملي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها جيڪا حياتي ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:21
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“ جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“


ڇا ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ اسين ايمان آڻڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ نہ، بلڪل نہ، اسين تہ شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


ائين بلڪل نہ آھي، خدا سچو آھي توڙي جو ھر ھڪ انسان ڪوڙو ھجي، جيئن لکيل آھي تہ ”اي خدا! تون ھميشہ پنھنجن ڳالھين ۾ سچو ثابت ٿيو آھين، ۽ ھر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو آھين.“


ائين بلڪل نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ائين ھجي تہ پوءِ خدا ڪھڙيءَ طرح جھان جو انصاف ڪندو؟


پر بني اسرائيل جيڪي اھڙيءَ شريعت جي ڳولا ۾ ھئا جنھن جي وسيلي ھو خدا ڏانھن سچار بڻجن، سي انھيءَ شريعت تائين بہ نہ پھتا.


ھاڻي موت وارو اھو عھد جيڪو پٿرن تي اُڪريل ھو، سو اھڙي تہ جلوي وارو ٿيو جو بني اسرائيل موسيٰ جي چمڪندڙ منھن ڏانھن غور سان نھاري نہ ٿي سگھيا، جيتوڻيڪ اھو جلوو جھڪو ٿيندو ٿي ويو.


پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي سچار بڻجڻ ٿا گھرون، جيڪڏھن پاڻ ئي گنھگار نڪري پئون تہ ڇا مسيح گناھہ جو ڪارڻ آھي؟ ھرگز نہ.


سو آءٌ شريعت جي وسيلي مري ويس، تنھنڪري شريعت جي بنسبت آءٌ مئل آھيان، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي لاءِ جيئرو رھان.


آءٌ خدا جي فضل کي بيڪار نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ⁠تہ سچائي جيڪڏھن شريعت جي وسيلي ملي ھا تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ھا.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


ايمان جي ڪري ئي نوح کي انھن ڳالھين جي باري ۾ خدا خبردار ڪيو جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون ھيون ۽ ھن خدا جي خوف کان پنھنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ ھڪڙو ٻيڙو ٺاھيو. اھڙيءَ طرح ھن دنيا کي ڏوھي ٺھرايو ۽ انھيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري آھي.


تنھنڪري پھريون حڪم ڪمزور ۽ بي⁠فائدي ھئڻ ڪري رد ٿي ويو،


ڇالاءِ⁠جو شريعت ڪنھن کي بہ ڪامل ڪري نہ سگھي. سو انھيءَ جي بدران اسان کي ھڪ بھتر اميد ڏني ويئي آھي، جنھن جي وسيلي اسين خدا کي ويجھو وڃي ٿا سگھون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ