Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:12 - Common Language New Testament

12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونھي، بلڪ لکيل آھي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالھين تي عمل ڪري ٿو، سو انھن جي ڪري ئي جيئرو رھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ شريعت جو ايمان سان ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر (لکيل آهي تہ) ”جيڪو انهي تي عمل ڪندو، سو انهي جي ڪري جيئرو رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 نيم جو وشواس سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو نيم جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو نيم جي ڳالهين لاءِ پيو جيون گذاريندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو شريعت جي ڳالهين لاءِ پيو زندگي گذاريندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وراڻيو تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آھي. جيڪڏھن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“


خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن دنيا جي وارث بڻائڻ جو واعدو خدا انھن سان ڪيو آھي جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ خدا تي ايمان آڻڻ اجايو ۽ خدا جو واعدو بيڪار آھي.


تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي.


اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ