Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:11 - Common Language New Testament

11 ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي، اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هاڻي اِها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ شريعت جي ڪري ڪوبہ ماڻهو خدا جي نظر ۾ راستباز نٿو ٺهري؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”راستباز ايمان جي ڪري ئي جيئرو رهندو؛“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو نيم جي وسيلي ايشور آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي وسيلي خدا آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي، تنھن کي ئي زندگي ملندي.“


تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.


منھنجا سچار ٻانھو ايمان جي ڪري جيئرو رھندا، پر جيڪڏھن انھن مان ڪو پوئتي ھٽندو، تہ آءٌ ھن کان خوش نہ ٿيندس.“


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي⁠عيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رنن⁠زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.


اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ