Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:10 - Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ تہ جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي يقين ٿا ڪن، سي سڀ لعنت هيٺ آهن؛ هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نٿو رهي، سو لعنتي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ نيم تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون نيم شاستر ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


شريعت خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آھي تہ اُتي سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي بہ نہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.


انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.


ھاڻي موت وارو اھو عھد جيڪو پٿرن تي اُڪريل ھو، سو اھڙي تہ جلوي وارو ٿيو جو بني اسرائيل موسيٰ جي چمڪندڙ منھن ڏانھن غور سان نھاري نہ ٿي سگھيا، جيتوڻيڪ اھو جلوو جھڪو ٿيندو ٿي ويو.


تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ