Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:1 - Common Language New Testament

1 اي نادان گلتيو! ڪنھن اوھان تي جادو ڪيو آھي؟ اوھان جي اکين اڳيان تہ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙھي سندس موت جو منظر ظاھر ظھور ڏيکاريو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي نادان گلتيو، هاڻي ڪنهن اوهان تي ڪامڻ وڌو؟ اوهان جي اکين اڳيان يسوع مسيح ظاهر ظهور صليب تي چاڙهيل ڏيکاريو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي مورک گلتيؤ! ڪنهن اوهان تي جادو ڪيو آهي؟ يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهي سندس موت جو منظر ڄڻ تہ اوهان جي اکين اڳيان صاف صاف ڏيکاريو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي بي‌وقوف گلتيؤ! ڪنهن اوهان تي جادو ڪيو آهي؟ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙهي سندس موت جو منظر ڄڻ تہ اوهان جي اکين اڳيان صاف صاف ڏيکاريو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:1
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


پر جيڪوبہ ماڻھو منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اھڙي اياڻي مثل آھي جنھن پنھنجو گھر واريءَ تي اڏايو.


تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي نادانو! اوھين نبين جي سڀني ڳالھين کي مڃڻ ۾ ڪيترا نہ بي⁠پرواھہ آھيو.


ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي.


اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.


پر بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن اھا خوشخبري ڌيان ڏيئي نہ ٻڌي، ڇالاءِ⁠جو يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنھن ايمان آندو؟“


پر جيڪي خود⁠غرض آھن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قھر نازل ٿيندو.


خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي.


مطلب تہ جڏھن بہ اوھين ھيءَ ماني کائو ٿا ۽ ھيءُ پيالو پيئو ٿا، تڏھن اوھين خداوند جي موت جو اظھار ٿا ڪريو، جيستائين ھو پاڻ موٽي اچي.


ڇالاءِ⁠جو مون پڪو ارادو ڪيو ھو تہ جڏھن اوھان وٽ رھان تہ عيسيٰ مسيح ۽ سندس صليب تي چڙھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڄاڻان.


اسين اجاين دليلن ۽ ھر ان وڏي رڪاوٽ کي ڊاھيون ٿا، جيڪا خدا جي سڃاڻپ جي برخلاف اڀري ٿي. اسين ھر ھڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جو فرمانبردار ٿا بڻايون.


پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن.


جيڪي ايمان وارا ھتي مون سان گڏ آھن سي سڀ گلتيا پرڳڻي جي ڪليسيائن ڏانھن سلام موڪلين ٿا.


مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنھن اوھان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنھن کان اوھين ايترو جلد ڦري ڪنھن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانھن ٿا وڃو،


جڏھن مون ڏٺو تہ اھي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راھہ تي نہ ٿا ھلن، تڏھن مون انھن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يھودي آھين تڏھن بہ غير يھودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يھودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يھودين کي زور ٿو ڀرين تہ ھو يھودين وانگر گذارين؟“


اوھين ايترا نادان آھيو ڇا جو پاڪ روح جي وسيلي نئين زندگي شروع ڪري ھاڻي جسماني طور ان جي پڄاڻي ڪرڻ چاھيو ٿا؟


پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ھن وقت تائين آءٌ اھا تبليغ ڪريان ٿو تہ طھر ڪرائڻ ضروري آھي، تہ پوءِ آءٌ ڇو ٿو اڃا تائين ستايو وڃان؟ جيڪڏھن ائين ھو تہ پوءِ منھنجي صليب جي تبليغ ٿاٻڙائڻ جو باعث نہ رھي.


جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،


انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون.


تنھنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا ھلو. نادانن وانگر نہ، پر دانائن وانگر زندگي گذاريو.


ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين.


تہ اھو مغرور آھي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. ھن کي بحث مباحثي ۽ لفظي تڪرار ڪرڻ جو مرض آھي، جنھن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙو، بدزبانيون ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون.


جڏھن ابراھيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جو حڪم مڃي انھيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو، جيڪا بعد ۾ کيس ميراث طور ملڻي ھئي. جيتوڻيڪ ھن کي اھا خبر نہ ھئي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃي، پر تڏھن بہ ھو اٿي روانو ٿيو.


پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


ڇالاءِ⁠جو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوت⁠پرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن.


ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“


پر مون کي اوھان جي باري ۾ ھي چوڻو آھي تہ اھا عورت اِيزبل، جيڪا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنھن کي اوھين برداشت ڪريو ٿا، جيتوڻيڪ اھا منھنجي ٻانھن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراھہ ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ