Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:20 - Common Language New Testament

20 آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھيو ويو آھيان. ھاڻي آءٌ جيئرو نہ رھيو آھيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آھي. سو جيڪا زندگي ھاڻي آءٌ جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان آڻڻ ڪري گذاري رھيو آھيان. ھن مون سان پيار ڪيو ۽ منھنجي بدران پنھنجي جان ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:20
65 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“


سو شيطان ھن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“


نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“


آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو.


انھيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونھي جو ماڻھو پنھنجي دوستن لاءِ پنھنجي جان ڏئي.


انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.


جھڙيءَ طرح زندہ پيءُ مون کي موڪليو آھي ۽ آءٌ ھن جي ڪري زندہ آھيان، تھڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منھنجي ڪري زندہ رھندو.


اسين تہ ايمان آڻي چڪا آھيون ۽ ڄاڻيون ٿا تہ اوھين ئي خدا جي طرفان پاڪ ھستي آھيو.“


اھي اڳتي ھلندي ھلندي ھڪڙي اھڙي جاءِ تي اچي پھتا جتي پاڻي ھو. تنھن تي آفيسر چيو تہ ”اِجھو، ھي پاڻي بہ موجود آھي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪھڙي جھل آھي؟“


ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.


ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي، تنھن کي ئي زندگي ملندي.“


اسان مان ڪوبہ پنھنجي لاءِ نہ ٿو جيئي ۽ نڪي پنھنجي لاءِ ٿو مري.


خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي.


اسان جي گناھن جي لاءِ ھن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ وري کيس جيئرو ڪيو ويو، تہ جيئن ھو اسان کي خدا ڏانھن سچار بڻائي.


مسيح اسان کي ايمان جي وسيلي خدا جي فضل تائين پھچايو آھي، جنھن تي اسين ثابت قدم آھيون. سو اچو تہ اسين انھيءَ اميد تي خوشي ڪريون تہ خدا جو جلوو ماڻينداسين.


جڏھن اسين اڃا لاچار ئي ھئاسين تہ بلڪل انھيءَ وقت مسيح اسان بدڪارن لاءِ جان ڏني.


پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو.


پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.


جيڪڏھن اسين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي مئا آھيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آھي تہ ساڻس گڏ جيئرا بہ ضرور ٿينداسين.


جيتوڻيڪ اوھان جو جسم گناھہ جي ڪري مئل آھي، پر جيڪڏھن مسيح اوھان ۾ آھي تہ پوءِ اوھان جو روح زندہ آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا اوھان کي پاڻ ڏانھن سچار بڻايو آھي.


پر جنھن اسان کي پيار ڪيو، تنھن جي وسيلي انھن سڀني ڳالھين ۾ اسان جي مڪمل فتح آھي.


پر جيڪو خداوند سان ملي ٿو سو روحاني طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي وڃي ٿو.


اسين ايمان جي باري ۾ اوھان تي حڪومت نہ ٿا ھلايون. پر اوھان جي خوشيءَ ۾ اوھان جا مددگار آھيون، ڇالاءِ⁠تہ ايمان جي وسيلي اوھين قائم آھيو.


جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رھون ٿا، تنھن ھوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙھون.


مسيح جي سچائي جيڪا مون ۾ آھي، تنھن موجب چوان ٿو تہ اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انھيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ نہ روڪيندو.


انھيءَ مان اوھان کي پنھنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منھنجي معرفت ڳالھائي ٿو. ھو اوھان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آھي، پر اوھان ۾ زورآور آھي.


اوھين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آھيو يا نہ ۽ پاڻ کي آزمايو. ڇا اوھين پاڻ بابت ھي نہ ٿا ڄاڻو تہ عيسيٰ مسيح اوھان ۾ آھي؟ جيڪڏھن نہ، تہ اوھين آزمائش ۾ بلڪل ناڪام آھيو.


ھر حال ۾ مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇالاءِ⁠جو اسين ھن نتيجي تي پھتا آھيون تہ جڏھن ھڪ شخص سڀني جي لاءِ مئو تہ سڀ مري ويا.


ھو سڀني جي لاءِ انھيءَ ڪري مئو تہ جيڪي جيئرا آھن سي اڳتي پنھنجي لاءِ نہ پر ھن جي لاءِ جيئن، جيڪو انھن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو.


ڇالاءِ⁠جو اسين جيڪا زندگي گذاري رھيا آھيون سا ايمان جي وسيلي آھي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.


مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.


تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.


ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي، اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“


جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


منھنجي ھيءَ بہ دعا آھي تہ اوھين محبت ۾ پاڙ ھڻي ۽ پيڙھہ ڄمائي اھڙا مضبوط ٿيو


۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان محبت رکي ۽ ان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.


ڇالاءِ⁠جو مون لاءِ جيئري رھڻ جي معنيٰ آھي مسيح ۽ مرڻ جي معنيٰ آھي نفعو.


خداوند، جيڪو مون کي طاقت ٿو بخشي تنھن جي وسيلي آءٌ ھر ڳالھہ کي منھن ڏيئي ٿو سگھان.


انھن تي خدا اھو ظاھر ڪرڻ ٿي چاھيو تہ انھيءَ راز جي جلال ڀري دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ آھي. اھو راز ھي آھي تہ مسيح اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھا ڳالھہ اچڻ واري جلال جي اميد آھي.


۽ آسمان مان سندس فرزند يعني عيسيٰ مسيح جي اچڻ جو انتظار ڪندا رھو، جنھن کي ھن مئلن مان جياريو. ھو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي.


جيتوڻيڪ اوھان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي، تڏھن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوھين ھاڻي بہ کيس نہ ٿا ڏسو، تڏھن بہ مٿس ايمان ٿا آڻيو ۽ ايتري تہ عظيم خوشيءَ سان ڀرپور آھيو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي،


پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


اسان ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ٿا ڏيون تہ پيءُ پنھنجي فرزند کي جھان جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آھي.


اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ