Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:2 - Common Language New Testament

2 آءٌ انھيءَ ڪري اوڏانھن ويس جو خدا مون تي الھام ڪيو تہ تو کي وڃڻ گھرجي. مون اڪيلائيءَ ۾ انھن جي اڳيان جيڪي معتبر سمجھيا ويندا ھئا، اھا خوشخبري پيش ڪئي جنھن جي آءٌ غير قومن ۾ تبليغ ڪندو آھيان. مون نہ ٿي چاھيو تہ منھنجي ھاڻوڪي يا اڳوڻي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ منهنجو وڃڻ الهام موجب ٿيو؛ ۽ جنهن خوشخبريءَ جي مون غير قومن ۾ منادي ٿي ڪئي، سا مون خانگي طور هنن جي اڳيان، جيڪي معزز سمجهيا ويندا هئا، پيش ڪئي تہ متان ائين نہ ٿئي تہ منهنجي هاڻوڪي يا اڳوڻي ڊوڙ ڊڪ اجائي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو آڪاش‌واڻيءَ ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي جيڪي ماڻهو وشواسي منڊليءَ جا مانوارا سمجھيا ويندا هئا، تن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جو پرچار آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان سنتن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو مڪاشفي ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي ڪليسيا جي معتبر سمجھيو ويندڙ ماڻهن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جي تبليغ آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان رسولن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:2
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، آءٌ اوھان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنھنڪري اوھين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي⁠ضرر ٿجو.


سو سڀني خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اھو بيان ويٺي ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انھن جي وسيلي غير قومن ۾ معجزا ۽ ڪرامتون ڪيون.


پولس ۽ برنباس سان ھنن سخت بحث مباحثو ڪيو. سو اھو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻھو ھن معاملي بابت يروشلم ڏانھن رسولن ۽ بزرگن وٽ وڃن.


جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون.


ھڪڙيءَ رات پولس رويا ڏٺي جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ ۽ نڪي ٻڌائڻ کان بس ڪر،


جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“


پر انھن مان گملي⁠ايل نالي ھڪڙو فريسي، جيڪو شريعت جو عالم ھو ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھئس، سو ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ رسولن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاھر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.


تنھنڪري اُھو نہ انسان جي خواھش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اھو سڀ خدا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي.


پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


ڇالاءِ⁠جو مون پڪو ارادو ڪيو ھو تہ جڏھن اوھان وٽ رھان تہ عيسيٰ مسيح ۽ سندس صليب تي چڙھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڄاڻان.


اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻيئي آھن، پر انعام رڳو ھڪڙي کي ئي ملندو آھي؟ اوھين بہ ائين ئي ڊوڙو تہ جيئن انعام کٽو.


تنھنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان ۽ نڪي آءٌ ھوا ۾ مڪون ٿو ھڻان،


مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي، جيتوڻيڪ انھيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونھي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا آھن، ھاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


ڇالاءِ⁠تہ مون کي اھا خوشخبري ڪنھن انسان کان نہ ملي آھي، نڪي ڪنھن مون کي سيکاري آھي. پر اھا عيسيٰ مسيح پاڻ مون تي ظاھر ڪئي آھي.


تہ پنھنجي فرزند کي مون تي ظاھر ڪري تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان، تڏھن مون ڪنھن انسان کان صلاح نہ ورتي،


مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنھن اوھان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنھن کان اوھين ايترو جلد ڦري ڪنھن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانھن ٿا وڃو،


پر ڪي ماڻھو معتبر ليکيا ويندا ھئا، پوءِ اھي ڪھڙا بہ ھئا تنھن سان منھنجو واسطو ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو خدا ماڻھوءَ جي ظاھري حالت کي نہ ٿو ڏسي. انھن ماڻھن مان مون کي خوشخبريءَ بابت ڪابہ ڳالھہ حاصل نہ ٿي.


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


اوھين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رھيا ھئا. پوءِ ڪنھن اوھان کي سچ کي مڃڻ کان روڪي ڇڏيو؟


۽ اوھين کين زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو. جيڪڏھن اوھين اھو سڀ ڪجھہ ڪريو ٿا تہ آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تي فخر ڪري سگھندس تہ منھنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.


سو خداوند جا ھئڻ ڪري کيس ڀاءُ سمجھي وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ اھڙن شخصن کي عزت ڏيندا رھجو.


انھيءَ سبب جڏھن آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، تڏھن اوھان جي ايمان بابت معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم. مون کي ڊپ ھو تہ متان ڪنھن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوھان کي آزمايو ھجي ۽ اسان جي محنت بيڪار ويئي ھجي.


آءٌ چڱي ويڙھہ وڙھي چڪو آھيان. آءٌ پوري ڊوڙ ڊوڙي چڪو آھيان. آءٌ پنھنجي ايمان تي قائم رھيو آھيان.


جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ