Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:17 - Common Language New Testament

17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي سچار بڻجڻ ٿا گھرون، جيڪڏھن پاڻ ئي گنھگار نڪري پئون تہ ڇا مسيح گناھہ جو ڪارڻ آھي؟ ھرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر اسين جي چاهيون ٿا تہ مسيح ۾ راستباز ٺهرايا وڃون، سي جيڪڏهن پاڻ بہ گنهگار ٿي پونداسين، تہ پوءِ مسيح گناهہ جو باعث ٿيو ڇا؟ هرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر موسيٰ جي نيم جي نسبت ۾ پاپي ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح پاپ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر شريعت جي نسبت ۾ گنهگار ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح گناهہ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“


ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“ جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“


انھيءَ مان ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ اھو تہ بني اسرائيل جنھن شيءِ جي ڳولا ۾ ھئا، سا کين نہ ملي. پر اھا خدا جي چونڊيلن کي ملي ويئي ۽ باقي ٻيا سخت⁠دل ڪيا ويا.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي سچائيءَ کي ظاھر ڪرڻ لاءِ مسيح يھودين جي خدمت ڪئي تہ جيئن انھيءَ سان ھو خدا جا اھي واعدا پورا ڪري جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا ھئا،


ائين بلڪل نہ آھي، خدا سچو آھي توڙي جو ھر ھڪ انسان ڪوڙو ھجي، جيئن لکيل آھي تہ ”اي خدا! تون ھميشہ پنھنجن ڳالھين ۾ سچو ثابت ٿيو آھين، ۽ ھر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو آھين.“


ائين بلڪل نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ائين ھجي تہ پوءِ خدا ڪھڙيءَ طرح جھان جو انصاف ڪندو؟


جڏھن پطرس انتاخيا ۾ آيو تہ مون آمھون سامھون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو صفا غلطيءَ تي ھو.


حقيقت ۾ اسين ڄائي ڄم کان يھودي آھيون ۽ غير قومون نہ آھيون، جن کي گنھگار چون ٿا.


تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


ھو انھيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو سچو مقدس خيمو آھي ۽ جنھن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آھي.


اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ