Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:12 - Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو يعقوب وٽان ڪن ماڻھن جي اچڻ کان اڳي پطرس غير يھودين سان کائيندو ھو. پر جڏھن اھي آيا تڏھن ھن غير يھودين سان کائڻ ڇڏي ڏنو، بلڪ انھن کان ڌار ٿي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن ماڻھن کان ڊڄندو ھو جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو يعقوب وٽان ڪن ماڻهن جي اچڻ کان اڳي هو غير قومن سان کائيندو هو، پر جڏهن هو آيا، تڏهن مختونن جي ڊپ کان هو پٺتي هٽي ويو، ۽ پاڻ کي ڌار ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي طهر ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“


پر تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي.


پطرس انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يھودين جي مذھب ۾ جائز نہ آھي تہ ھو ڪنھن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آھي تہ آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.


پر ھن ماٺ ڪرڻ لاءِ کين ھٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انھن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. تڏھن کين چيائين تہ ”ھن ڳالھہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي بہ خبر ڏجو.“ پوءِ ھو اتان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ھليو ويو.


جڏھن مون ڏٺو تہ اھي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راھہ تي نہ ٿا ھلن، تڏھن مون انھن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يھودي آھين تڏھن بہ غير يھودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يھودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يھودين کي زور ٿو ڀرين تہ ھو يھودين وانگر گذارين؟“


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


سو ھن اھا دشمني جيڪا شريعت جي حڪمن وارن قانونن ۾ ھئي سا پنھنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏي، تہ جيئن کين پاڻ سان ملائي ٻنھي مان ھڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي.


اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.


ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ