Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:1 - Common Language New Testament

1 آخر چوڏھن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانھن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 وري چوڏهن ورهين کانپوءِ آئون برناباس سان گڏجي يروشلم ڏانهن ويس، ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان وٺي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ برنباس شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانھن ويو.


سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.


برنباس ۽ شائول پنھنجو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان انتاخيا ۾ موٽي آيا.


جڏھن ھنن خداوند جي عبادت پئي ڪئي ۽ روزا پئي رکيا، تڏھن پاڪ روح کين چيو تہ ”برنباس ۽ شائول کي مون لاءِ مخصوص ڪريو تہ ھو اھو ڪم ڪن جنھن لاءِ مون کين چونڊيو آھي.“


پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


ھنن برنباس جي نالي چيو تہ ”ھيءُ زيوس ديوتا آھي“ ۽ پولس جي نالي چيو تہ ”ھيءُ ھرميس ديوتا آھي.“ ڇالاءِ⁠جو مکيہ ڳالھائڻ وارو پولس ھو.


تنھنڪري اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻھو چونڊي پنھنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوھان ڏانھن موڪليون.


يا رڳو مون کي ۽ برنباس کي گذر سفر لاءِ پورھيو ڪرڻ گھرجي؟


تڏھن بہ منھنجي دل کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي ڀاءُ طيطس کي نہ ڏٺو. پوءِ اتان جي ماڻھن کان موڪلائي مڪدونيا ۾ ھليو آيس.


خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو.


طيطس جي باري ۾ ھي آھي تہ ھو منھنجو شريڪ ۽ اوھان جي خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آھي. اسان جي ٻين ڀائرن جي باري ۾ ھي آھي تہ اھي ڪليسيائن جا نمائندا آھن ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آھن.


ٽن سالن کان پوءِ آءٌ پطرس سان ملڻ لاءِ يروشلم ويس ۽ پندرھن ڏينھن ساڻس گڏ رھيس.


باقي ٻين يھودين، جيڪي مسيحي ٿيا ھئا تن پطرس سان ملي ڪري رياڪاري ڪئي. ايتري قدر جو خود برنباس بہ انھن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو.


جيتوڻيڪ طيطس، جيڪو مون سان گڏ ھو، سو يوناني ھو تڏھن بہ انھن کيس طھر ڪرائڻ لاءِ زور نہ ڀريو.


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آھي، اوھان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سوٽ آھي اوھان کي سلام چوي ٿو. ھن بابت اوھان کي ھدايتون ٿيل آھن تہ جيڪڏھن ھو اوھان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


ھي خط طيطس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان ۾ شريڪ ھئڻ ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ