Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 1:13 - Common Language New Testament

13 سو اوھين ٻڌي چڪا آھيو تہ جڏھن آءٌ يھودي مذھب ۾ ھوس تہ منھنجي ڪھڙي ھلت چلت ھئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ھوس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هن ڪري جو يهودين جي مذهب ۾، گذريل وقت ۾ منهنجي هلت چلت اوهان ٻُڌي آهي، تہ ڪهڙيءَ طرح خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ۽ ڦٽائيندو هوس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي ڌرم جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ ايشور جي منڊليءَ کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي مذهب جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 1:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


پر شائول ڪليسيا کي تباھہ ڪندو رھيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي گھلي جيل ۾ وجھندو رھيو.


جن بہ ھن جي اھا ڳالھہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ناھي ڇا، جو جيڪي ⁠بہ يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندا ھئا تن کي ھو ستائيندو ھو ۽ ھتي بہ انھيءَ ارادي سان آيو ھو تہ انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري سردار ڪاھنن وٽ وٺي وڃي؟“


پوءِ شائول يروشلم ۾ اچي پھتو ۽ شاگردن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اھي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ ھو بہ ڪو شاگرد آھي.


اوھين ڪنھن کي بہ گمراھہ نہ ڪريو، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير قوم يا خدا جي ڪليسيا.


ڇالاءِ⁠تہ آءٌ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آھيان ۽ رسول سڏجڻ جو بہ حقدار ناھيان، ڇوتہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو ھوم.


مذھبي جوش جي لحاظ کان ڪليسيا جو ستائيندڙ ھوس ۽ جيستائين شريعت جي سچائيءَ جو سوال آھي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي⁠عيب ھوس.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي ڪفر بڪندڙ، ستائيندڙ ۽ بي⁠عزت ڪندڙ ھوس، تنھن ھوندي بہ مون تي رحم ٿيو، ڇالاءِ⁠جو مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ ھئڻ سبب ۽ اڻ⁠ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ