Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:9 - Common Language New Testament

9 اي مالڪؤ! اوھين بہ پنھنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇوتہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھن جو ۽ اوھان جو، ٻنھي جو مالڪ آسمان ۾ آھي ۽ اھو ڪنھن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ اي مالڪو، اوهين بہ دڙڪو تاب ڇڏي هنن سان ساڳي اهڙي هلت ڪريو: جو ڄاڻو ٿا تہ هنن جو توڙي اوهان جو ڌڻي آسمان ۾ آهي، ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ڪندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آڪاش تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آسمان تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:9
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي اھي نوڪر رستن تي ويا ۽ جيڪي ⁠بہ چڱا مَٺا ماڻھو منھن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. شاديءَ جي دعوت واري جاءِ ماڻھن سان ڀرجي ويئي.


پوءِ ھن پنھنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آھي پر جن کي دعوت ڏني ويئي ھئي سي ان جا لائق نہ ھئا.


پر جيڪڏھن اھو نوڪر بڇڙو ھجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي رياڪارن جي ٽولي ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس، جتي ھو رڙيون ڪندو ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽيندو.“


جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“


جھڙو سلوڪ اوھين ماڻھن کان چاھيو ٿا تھڙو ئي سلوڪ اوھين ٻين سان ڪريو.


اوھين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اھو ئي آھيان.


پوءِ پطرس ھيئن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ خدا سڀني سان ھڪجھڙو ھلي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو خدا ڪنھن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.


ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.


تنھن ھوندي بہ جڏھن ڪو غلام خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو خداوند جو آزاد ڪيل آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن ڪو آزاد ماڻھو خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو مسيح جو غلام آھي.


جيڪو برائي ڪري ٿو تنھن کي پنھنجي برائيءَ جو بدلو ملندو، ڇالاءِ⁠جو اتي ڪنھن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.


اي مالڪؤ! پنھنجن غلامن سان عدل ۽ انصاف جي ھلت ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو بہ ھڪڙو مالڪ آھي جيڪو آسمان ۾ آھي.


ڇالاءِ⁠جو جنھن پاڻ رحم نہ ڪيو آھي، تنھن جو انصاف بي⁠رحميءَ سان ٿيندو. پر رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.


ڏسو، جن مزورن اوھان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزوري جيڪا اوھان ٺڳي ڪري رکي ڇڏي آھي، سا رڙيون پيئي ڪري. لاباري ڪرڻ وارن جون دانھون قدرت واري خداوند جي ڪنن تائين وڃي پھتيون آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ