Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:23 - Common Language New Testament

23 خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل ڀائرن ۽ ڀينرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل ڀائرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي طرفان شل سڀني ڀائرن ڀينرن تي شانتي هجي ۽ وشواس سان گڏ پريم حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل سڀني ڀائرن ڀينرن تي سلامتي هجي ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:23
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.


ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


ھاڻي اطمينان ڏيڻ وارو خدا شل اوھان سڀني سان ھجي. آمين.


شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل خوش ھجو. سڌرندا رھو. منھنجي نصيحت ٻڌو. ايڪي سان رھو. امن ۾ رھو. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو پيار ۽ امن وارو آھي سو اوھان سان ھوندو.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


جيڪي ⁠بہ انھيءَ قاعدي تي ھلن ٿا، تن تي ۽ خدا جي قوم بني اسرائيل تي شل رحم ۽ سلامتي ھجي.


شل انھن سڀني تي فضل ھجي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.


پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


ھاڻي اطمينان بخشيندڙ خداوند پاڻ ئي اوھان کي ھميشہ ۽ ھر طرح سان اطمينان ڏئي. شل خداوند اوھان سڀني ساڻ ھجي.


انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.


جيئن مون مڪدونيا وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو ھو، تيئن تون اِفسس شھر ۾ رھجانءِ، انھيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻھن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجن مائٽن ۽ خاص ڪري پنھنجي گھر ٻار جو بندوبست نہ ٿو ڪري، تہ اھو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انھيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آھي جنھن جو ڪو ايمان ڪونھي.


ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. شل اوھان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آھيو سلامتي ھجي.


اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالھائينداسين.


ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ