Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:21 - Common Language New Testament

21 تُخِڪُس، جيڪو خداوند جو ھئڻ ڪري پيارو ڀاءُ ۽ سچو خدمتگار آھي، سو اوھان کي منھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين بہ منھنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تخڪس، جو پيارو ڀاءُ ۽ خداوند ۾ ايماندار خادم آهي، سو اوهان کي منهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ آئون ڪيئن ٿو گذاريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 تخڪُس، جيڪو پرڀو يسوع ۾ پيارو ڀاءُ ۽ سچو سيواداري آهي، سو اوهان کي منهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين بہ منهنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تخڪُس، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ پيارو ڀاءُ ۽ سچو خدمتگار آهي، سو اوهان کي منهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين بہ منهنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيريا واري پورس جو پٽ سوپترس، ٿسلونيڪيءَ وارن مان ارسترخس ۽ سڪندس، دربيءَ وارو گايس، ايشيا پرڳڻي وارا تُخِڪُس ۽ تروفيمس ۽ تيمٿيس پڻ ايشيا پرڳڻي تائين ساڻس گڏجي ويا.


انھيءَ سبب ڪري آءٌ تيمٿيس کي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. ھو خداوند جو ھئڻ ڪري منھنجو پيارو ۽ وفادار فرزند آھي. ھو منھنجا اھي طريقا جيڪي مسيح جو ھجڻ ڪري منھنجي زندگيءَ ۾ آھن، اوھان کي ياد ڏياريندو، جھڙيءَ طرح آءٌ ھرھنڌ ھر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ جيڪي ڪجھہ مون تي ٿي گذريو آھي، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب بڻيو آھي.


انھيءَ جي تعليم اوھان اسان جي پياري ھم⁠خدمت اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان جي پاران مسيح جو وفادار خادم آھي.


جيڪڏھن تون ايمان وارن کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ٿيندين. انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڳالھين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون ھلندو رھيو آھين.


تُخِڪُس کي مون اِفسس شھر ڏانھن موڪليو آھي.


جڏھن آءٌ ارتماس يا تُخِڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏھن تون مون وٽ نڪوپلس شھر ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪج، ڇالاءِ⁠جو مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي.


ھو ھڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بھتر ھڪ پياري ڀاءُ وانگر اچي رھي. ھو مون کي تمام پيارو آھي. پر غلام ۽ وري مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تہ تو کي اڃا بہ وڌيڪ پيارو آھي.


آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو.


اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ