Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:1 - Common Language New Testament

1 اي ٻارؤ! خداوند جا ھئڻ ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇوتہ ائين ڪرڻ واجب آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي ٻارو، خداوند ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو: ڇالاءِ جو اهو واجب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي ٻارؤ! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري پنهنجي ماتا پتا جا فرمانبردار رهو، ڇو تہ ائين ڪرڻ واجب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري پنهنجي ماءُ پيءُ جا فرمانبردار رهو، ڇو تہ ائين ڪرڻ واجب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:1
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.


اوھين کيس خداوند جي نالي قبول ڪريو، جيئن ايمان وارن تي واجب آھي ۽ جنھن ڳالھہ ۾ کيس اوھان جي ضرورت ھجي تنھن ۾ سندس مدد ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترن ئي ماڻھن جي ۽ خود منھنجي بہ مدد ڪئي آھي.


جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي،


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


پر جيڪڏھن ڪنھن رن⁠زال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِ⁠جو خدا کي اھو پسند آھي.


خداوند جي خاطر ھر انساني اختياريءَ جا تابعدار رھو، مثال طور شھنشاھہ جا انھيءَ ڪري جو ھو سڀني کان مٿاھون آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ