Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:5 - Common Language New Testament

5 اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بت⁠پرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار، يا ناپاڪ، يا لالچي ماڻهو جو بُت پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهت ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتن جي پوجاريءَ جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ ايشور جي راڄ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بت‌پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھاڻي آءٌ اوھان کي خدا ۽ سندس انھيءَ فضل واري ڪلام جي حوالي ٿو ڪريان، جنھن کي قدرت آھي تہ اوھان کي قائم ڪري ۽ اوھان سان گڏ خدا جي سڀني چونڊيلن کي برڪتون عطا ڪري.


ھن ڪم ۾ تنھنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي دل اڃا خدا ڏانھن صاف نہ ٿي آھي.


ھاڻي انساني فطرت جا ڪم ظاھر آھن، يعني حرامڪاري، ناپاڪي ۽ شھوت⁠پرستي،


بغض، نشي⁠بازي، عيش⁠پرستي ۽ ٻيا اھڙا ڪم. انھن بابت جيئن اڳي بہ مون اوھان کي خبردار ڪيو ھو، تيئن ھاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاھت جا وارث ڪين ٿيندا.


پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.


ھن اسان کي اونداھيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنھنجي پياري فرزند جي بادشاھت ۾ آندو،


تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي.


ڇالاءِ⁠جو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون.


جيڪي ھن موجودہ دنيا ۾ دولتمند آھن، تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين ۽ بي⁠بقا دولت تي نہ، بلڪ انھيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ