Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:27 - Common Language New Testament

27 ھن جو مقصد ھو تہ ھڪڙي اھڙي جلوي واري ڪليسيا پنھنجي اڳيان پيش ڪري، جنھن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا ڪا ٻي اھڙي شيءِ نہ ھجي، بلڪ اھا پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار منڊلي پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پوِتر ۽ بي‌عيب هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پاڪ ۽ بي‌عيب هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:27
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جياريو، سو اسان کي بہ عيسيٰ سان گڏ جياريندو ۽ اوھان سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون.


پر ھاڻي ھن اوھان کي مسيح جي جسماني موت جي وسيلي پاڻ سان صحيح رابطي ۾ آندو آھي. انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي پاڪ، بي⁠عيب ۽ بي⁠ڏوھہ بڻائي پنھنجي حضور ۾ حاضر ڪري،


اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون.


شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بي⁠عيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون.


پر مسيح جي قيمتي رت سان اوھان کي ڇڏايو ويو، جيڪو بي⁠عيب ۽ بي⁠داغ گھيٽي وانگر قربان ٿيو.


تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھين انھن ڳالھين جو انتظار پيا ڪريو، تڏھن ڪوشش ڪريو تہ خدا اوھان کي صلح جي حالت ۾ بي⁠داغ ۽ بي⁠عيب ڏسي.


پنھنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو ۽ ھميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رھو.


خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو،


ھي اُھي ماڻھو آھن جن عورتن کي ھٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آھن ۽ گھيٽي جي پٺيان ھلن پيا. جيڏانھن ھو وڃي ٿو، اوڏانھن وڃن ٿا. اُھي انسانن مان خريد ڪيا ويا آھن، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽي جو پھريون ڦل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ