Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:24 - Common Language New Testament

24 تنھنڪري جھڙيءَ طرح ڪليسيا مسيح جي تابع آھي، تھڙيءَ طرح زالن کي بہ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ پنھنجن مڙسن جي تابع رھڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 پر جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ کپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 سو جيئن منڊلي مسيح جي وس هيٺ آهي، تيئن پتنين کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 سو جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:24
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اھي ٻاھتر ڄڻا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوھان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آھن.“


ڇالاءِ⁠جو مڙس زال جو سرآھي، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا يعني بدن جو سر ۽ انھيءَ بدن جو بچائيندڙ آھي.


اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان محبت رکي ۽ ان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.


اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اي ٻارؤ! ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ خداوند کي ڏاڍي پسند آھي.


اي غلامؤ! پنھنجي دنياوي مالڪن جا ھر ڳالھہ ۾ فرمانبردار رھو. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ڏيکاءَ لاءِ نہ، پر صاف⁠دليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.


سڀني ڳالھين ۾ تون پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار. تنھنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاھر ٿئي.


غلامن کي نصيحت ڪر تہ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجن مالڪن جي تابع رھن، کين خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ساڻن گستاخي نہ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ