Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:23 - Common Language New Testament

23 ڇالاءِ⁠جو مڙس زال جو سرآھي، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا يعني بدن جو سر ۽ انھيءَ بدن جو بچائيندڙ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو مڙس زال جو سر آهي، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا جو سر آهي، جو هو پاڻ بدن جو بچائيندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 ڇاڪاڻ تہ پتي پتنيءَ جو مٿو آهي، جيئن مسيح پنهنجي شرير يعني منڊليءَ جو مٿو ۽ ان جو بچائيندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 ڇاڪاڻ تہ مڙس زال جو مٿو آهي، جيئن مسيح پنهنجي بدن يعني ڪليسيا جو مٿو ۽ ان جو بچائيندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو.


پر اٽلندو پيار جي جذبي سان سچ تي ھلي سڀني ڳالھين ۾ مسيح سان ڳنڍجڻ لاءِ وڌندا وڃون، جيڪو ڪليسيا جو سر آھي.


تنھنڪري جھڙيءَ طرح ڪليسيا مسيح جي تابع آھي، تھڙيءَ طرح زالن کي بہ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ پنھنجن مڙسن جي تابع رھڻ گھرجي.


اھو ئي بدن، يعني ڪليسيا جو سر آھي. اھو ئي منڍ آھي ۽ اھو ئي پھريون شخص آھي جيڪو مئلن منجھان جي اٿيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ ھن کي اول درجو ھجي.


۽ آسمان مان سندس فرزند يعني عيسيٰ مسيح جي اچڻ جو انتظار ڪندا رھو، جنھن کي ھن مئلن مان جياريو. ھو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


اچو تہ اسين خوش ٿيون، ۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون، ڇالاءِ⁠جو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي.


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ