Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:6 - Common Language New Testament

6 سڀني جو خدا ۽ پيءُ ھڪڙو ئي آھي جيڪو سڀني جي مٿان آھي، سڀني جي وسيلي ڪم ڪري ٿو ۽ سڀني ۾ رھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 سڀني جو خدا ۽ پيءُ هڪڙو ئي آهي، جو سڀني جي مٿان، ۽ سڀني جي اندر ۽ سڀ منجهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هڪڙو ئي ايشور آهي، جيڪو سڀني جو پتا آهي. هو سڀني جي مٿان آهي، سڀني سان گڏ آهي ۽ سڀني ۾ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هڪڙو ئي خدا آهي، جيڪو سڀني جو پيءُ آهي. هو سڀني جي مٿان آهي، سڀني سان گڏ آهي ۽ سڀني ۾ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:6
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ ’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين، شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،


تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.


مون تو کي انھن تي ظاھر ڪيو آھي ۽ اڃا بہ ڪندس، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آھي سو انھن ۾ ھجي ۽ آءٌ بہ انھن ۾ ھجان.“


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“


ڇالاءِ⁠جو سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آھن، انھيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آھن ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي آھن. شل خدا جي ھميشہ واکاڻ ھجي. آمين.


ڪم ڪرڻ جا طريقا جدا جدا قسمن جا آھن، پر خدا تہ ھڪڙو ئي آھي، جيڪو سڀني ماڻھن ۾ اھي سڀ ڪم ڪري ٿو.


تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون.


خدا جي گھر جو بتن سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇالاءِ⁠جو اسين جيئري خدا جو گھر آھيون. جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”آءٌ انھن ۾ رھندس ۽ انھن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انھن جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجا ماڻھو ٿيندا.“


اُتي مسيح ھر طرح جي حڪومت، اختياري، طاقت ۽ بادشاھت کان گھڻو مٿاھون آھي. ڪوبہ اختياريءَ وارو لقب جيڪو نہ رڳو ھن زماني ۾ بلڪ ايندڙ زماني ۾ بہ ڪنھن کي حاصل ٿيندو، تنھن کان مسيح جو لقب مٿاھون آھي.


مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري اوھين بہ اھڙي جڳھہ ۾ گڏ جڙندا ۽ اڏبا ٿا وڃو، جنھن ۾ خدا پنھنجي پاڪ روح جي صورت ۾ رھي ٿو.


منھنجي ھيءَ بہ دعا آھي تہ اوھين محبت ۾ پاڙ ھڻي ۽ پيڙھہ ڄمائي اھڙا مضبوط ٿيو


خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل ڀائرن ۽ ڀينرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.


جيڪي خدا جي حڪمن تي عمل ڪن ٿا، سي منجھس رھن ٿا ۽ ھو انھن ۾ رھي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو. اھو اسين انھيءَ ڪري ڄاڻون ٿا تہ ھن اسان کي پاڪ روح ڏنو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ