Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:30 - Common Language New Testament

30 انھيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو. ڇالاءِ⁠جو اھو روح اوھان تي انھيءَ ڏينھن لاءِ خدا جي مُھر آھي، جنھن ڏينھن تي اوھان جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان تي ڇوٽڪاري جي ڏينهن تائين مهر لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 انهيءَ سان گڏ ايشور جي پوِتر آتما کي رنج نہ ڪريو، جيڪا انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:30
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.


جڏھن اھي ڳالھيون ٿيڻ لڳن تہ اٿجو ۽ ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ڇوٽڪارو اوھان جي ويجھو ھوندو.“


جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي.


اوھين ڪيڏا نہ ضدي آھيو، اوھان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦريل آھن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوھان جا ڪن ٻوڙا آھن. اوھين ھميشہ پاڪ روح جو مقابلو ڪندا آھيو، جيئن اوھان جا ابا ڏاڏا ڪندا ھئا.


جيڪڏھن اوھان ۾ خدا جو روح موجود آھي، جنھن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ جنھن مسيح کي مئلن مان جياريو سو اوھان جي فاني جسمن کي بہ پنھنجي انھيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو.


نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


تنھنڪري جڏھن فانيءَ کي غير فاني ۽ مرڻ واري کي دائمي پوشاڪ پھرائي ويندي، تڏھن اھو لکيل قول سچو ثابت ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، فتح پوري ٿي.


پاڪ روح، جيڪو باھہ مثل آھي تنھن کي نہ وسايو.


تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟


تنھنڪري انھيءَ پيڙھيءَ کان آءٌ ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ ’انھن ماڻھن جون دليون ھميشہ گمراھہ ٿينديون رھن ٿيون. انھن منھنجي واٽن کي ڪين سڃاتو.‘


اھي ڪير ھئا جن کان ھو چاليھن سالن تائين ناراض رھيو؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن گناھہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ⁠پٽ ۾ پيا رھيا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ