Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 3:20 - Common Language New Testament

20 واکاڻ ٿي ڪجي انھيءَ خدا جي، جيڪو پنھنجي قدرت موجب جا اسان ۾ اثر ڪري ٿي، اسان جي گھرڻ ۽ سوچڻ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هاڻي جيڪو اهڙو قادر آهي جو اسان ۾ پنهنجي قدرت جي اثر موجب، اسان جي گهُرڻ يا خيال کان گهڻو وڌيڪ ڪم ڪري ٿو سگهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 مهما ٿي ڪجي انهيءَ شڪتيوان جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي شڪتيءَ موجب اسان جي پرارٿنا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 واکاڻ ٿي ڪجي انهيءَ قادر جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي طاقت موجب اسان جي دعا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 3:20
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


چور رڳو انھيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.


جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو ھو، سو ھاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي صحيفن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو ايمان جا تابعدار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنھن خوشخبريءَ بابت آءٌ منادي ٿو ڪريان تنھن ۾ انھيءَ راز جي ظاھر ٿيڻ موجب شل خدا اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.


ھن کي پورو يقين ھو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آھي سو پورو ٿيندو.


پر جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪا شيءِ ڪنھن بہ اک نہ ڏٺي آھي، ڪنھن بہ ڪن نہ ٻڌي آھي ۽ ڪنھن بہ دماغ نہ سوچي آھي، سا خدا پنھنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪئي آھي.“


خدا اوھان تي ھر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن ھر شيءِ اوھان وٽ ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي ضرورت کان گھڻي ھجي ۽ اوھين ھر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو.


۽ ھن جي وڏي قدرت اسان ايمان وارن لاءِ ڪھڙي نہ بي⁠انداز آھي.


خدا جي فضل جي انھيءَ بخشش سان، جيڪا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي ھئي، آءٌ انھيءَ خوشخبريءَ جو خادم بڻايو ويس.


انھيءَ مقصد لاءِ آءٌ سندس انھيءَ طاقت موجب جانفشانيءَ سان محنت ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.


ڇالاءِ⁠جو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.


انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.


شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو ھڪڙو آھي. اھو ئي بچائي ۽ ماري ٿو سگھي. پر تون آھين ڪير جو پنھنجي پاڙيسريءَ تي تھمت ٿو ھڻين؟


اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.


خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ