Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 3:11 - Common Language New Testament

11 ھي سڀ خدا جي انھيءَ ازلي ارادي موجب ٿيو، جيڪو ھن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 انهي ازلي ارادي موافق، جو هن اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ ڪيو هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اهو سڀ ايشور شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهو سڀ خدا شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 3:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻارن جي ڄمڻ ۽ انھن جي چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو تہ وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو، انھيءَ لاءِ تہ ڏيکاريو وڃي تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو.


جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي.


اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو.


ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون.


خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو.


انھيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوھان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھيان، دعا ٿو گھران.


انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ