Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:7 - Common Language New Testament

7 انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي انھيءَ مھربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح جي ڪري اسان تي آھي، ايندڙ زمانن ۾ پنھنجي فضل جي بي⁠انداز دولت کي ظاھر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ ديا جي وسيلي جيڪا يسوع مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي ڪرپا جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي فضل جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يا تون خدا جي ڀلائي، بردباري ۽ صبر جي نعمتن کي گھٽ ٿو سمجھين. ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبھہ ڏانھن ڇڪي رھي آھي.


اسان کي مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناھہ معاف ڪيا وڃن ٿا.


پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آھي تنھن پنھنجي گھڻي پيار سببان جيڪو ھن اسان سان ڪيو،


شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙھي بہ پيڙھي ھميشہ تائين سندس واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.


اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.


اسين ھيءَ دعا انھيءَ لاءِ گھرندا آھيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوھان جي وسيلي ۽ اوھين ھن جي وسيلي عزت پايو.


پر جڏھن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مھرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاھر ٿي،


انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ