Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:20 - Common Language New Testament

20 اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود يسوع مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا رسولن ۽ خدا جي ٻين پيغام ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود عيسيٰ مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بہ تو کي چوان ٿو تہ تون ٽڪر آھين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنھنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو. اھو خداوند جي طرفان ڪيو ويو، اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آھي!‘“


خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آھن، پھريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان استاد، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت ھلائيندڙ ۽ قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائيندڙ.


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.


مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنھنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوھان کي تعليم ملي آھي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رھو.


ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ھڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو چونڊيل، قيمتي ۽ سڀ کان اھم پٿر آھي. جيڪو ماڻھو انھيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏھن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


انھيءَ شھر جي ڀت جا ٻارھن بنياد ھئا، جن تي گھيٽي جي ٻارھن رسولن جا نالا لکيل ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ