Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:16 - Common Language New Testament

16 مسيح پنھنجي صليبي موت جي وسيلي انھن جي دشمني ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ھڪڙو بدن ڪري خدا سان ملائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ صليب جي وسيلي دشمني دفع ڪري انهن ٻنهي کي هڪڙو جسم ڪري خدا سان ملائي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 مسيح انهن جو ايشور سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو شرير بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي سوليءَ واري موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 مسيح انهن جو خدا سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو بدن بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي صليبي موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳي خدا جا دشمن ھئاسين، پر سندس فرزند جي موت جي وسيلي اسان جو ھن سان ميلاپ ٿي ويو. ھاڻي جڏھن اسين خدا جا دوست آھيون، تڏھن اسين ڪيترو نہ وڌيڪ مسيح جي حياتيءَ جي وسيلي بچي وينداسين.


ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ اسان جي اڳين انسانيت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھي ويئي، تہ جيئن اسان جون گناھہ ڪرڻ واريون نفساني خواھشون ناس ٿي وڃن ۽ اڳتي اسين گناھہ جي غلاميءَ کان ڇٽي پئون،


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو، يعني ھن پنھنجي فرزند کي گنھگار انساني صورت ۾ موڪليو تہ جيئن ھو اسان جي گناھن لاءِ قربان ٿئي ۽ گناھہ کي سزاوار بڻائي.


انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.


جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون.


آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھيو ويو آھيان. ھاڻي آءٌ جيئرو نہ رھيو آھيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آھي. سو جيڪا زندگي ھاڻي آءٌ جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان آڻڻ ڪري گذاري رھيو آھيان. ھن مون سان پيار ڪيو ۽ منھنجي بدران پنھنجي جان ڏني.


سو ھن اھا دشمني جيڪا شريعت جي حڪمن وارن قانونن ۾ ھئي سا پنھنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏي، تہ جيئن کين پاڻ سان ملائي ٻنھي مان ھڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي.


اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.


ھڪڙو ئي بدن آھي ۽ ھڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوھين بہ ھڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آھيو.


۽ پنھنجي حڪمن جي انھيءَ دستاويز کي رد ڪري ڇڏيائين جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف ھو. ھن انھيءَ کي صليب تي ڪوڪا ھڻي پري ڪري ڇڏيو.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ