Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:23 - Common Language New Testament

23 اھا ڪليسيا مسيح جو بدن ۽ سندس ڀرپوري آھي. ھو پاڻ ئي ھر شيءِ کي ھر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جا سندس بدن آهي، ۽ سندس معموري جو هر ڪنهن کي هر طرح سان معمور ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 جيڪا مسيح جو شرير آهي. مسيح سان ئي منڊليءَ جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جيڪا مسيح جو بدن آهي. مسيح سان ئي ڪليسيا جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:23
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن جي فضل جي گھڻائيءَ جي ڪري اسان سڀني کي بخشش پٺيان بخشش ملي آھي.


تنھنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنھنجي ضمير جي خاطر اوھان کي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي.


ڪم ڪرڻ جا طريقا جدا جدا قسمن جا آھن، پر خدا تہ ھڪڙو ئي آھي، جيڪو سڀني ماڻھن ۾ اھي سڀ ڪم ڪري ٿو.


ھاڻي جڏھن ھن ائين ڪيو آھي تہ پوءِ پٽ پنھنجو پاڻ خدا جي تابع ٿيندو. انھيءَ خدا سڀ شيون مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪيون تہ جيئن سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ ھجي.


مسيح پنھنجي صليبي موت جي وسيلي انھن جي دشمني ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ھڪڙو بدن ڪري خدا سان ملائي ڇڏيائين.


خدا جو مقصد ھو تہ ھاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت انھن حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آھن.


يعني مسيح جي انھيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا سمجھہ کان ٻاھر آھي، تہ جيئن اوھين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.


ھو جيڪو ھيٺ لٿو سو اھو ساڳيو ئي آھي جيڪو سڀني آسمانن کان بہ تمام مٿي چڙھي ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو سموري ڪائنات کي ڀرپور ڪري.


انھيءَ لاءِ تہ خدا جي سڄي قوم خدمت جي ڪم لاءِ تيار ٿئي، تہ جيئن مسيح جو بدن يعني ڪليسيا ترقي ڪري.


ايستائين جو اسين سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ ھڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. اھڙيءَ طرح اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون.


ھڪڙو ئي بدن آھي ۽ ھڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوھين بہ ھڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آھيو.


ھاڻي آءٌ انھن ڏکن جي ڪري خوش آھيان، جيڪي اوھان جي خاطر پيو سھان. اھڙيءَ طرح آءٌ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنھنجي جسم ۾ پوري پيو ڪريان.


اھو ماڻھو بدن جي سر يعني مسيح سان لاڳاپو نہ ٿو رکي، جنھن سان سارو بدن، سنڌن ۽ ٻنڌن جي وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍجي ٿو ۽ پرورش پائي خدا جي مرضيءَ سان وڌندو ٿو وڃي.


اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ