Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:21 - Common Language New Testament

21 اُتي مسيح ھر طرح جي حڪومت، اختياري، طاقت ۽ بادشاھت کان گھڻو مٿاھون آھي. ڪوبہ اختياريءَ وارو لقب جيڪو نہ رڳو ھن زماني ۾ بلڪ ايندڙ زماني ۾ بہ ڪنھن کي حاصل ٿيندو، تنھن کان مسيح جو لقب مٿاھون آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ هر طرح جي حڪومت، ۽ اختياريءَ، ۽ طاقت، ۽ بادشاهت کان، ۽ سڀ ڪنهن نالي کان مٿي ڪيائين، جو نالو نہ رڳو هن جهان ۾ وٺجي ٿو، پر ايندڙ جهان ۾ بہ ورتو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، شڪتيءَ ۽ راڄ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، طاقت ۽ بادشاهيءَ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:21
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“


ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“


انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.


خدا جو مقصد ھو تہ ھاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت انھن حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آھن.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا.


مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي ڀرپور زندگي ملي آھي. ھو ھر حڪومت ۽ اختيار جو سر آھي.


خدا حڪومتن ۽ اختيار وارن کان ھٿيار کسي کين کليو کلايو تماشو بڻايو ۽ صليب جي وسيلي انھن تي، جيڪي قيدين وانگر ھئا، فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.


اھڙيءَ طرح ھو ملائڪن کان اوتري قدر اعليٰ ٿيو، جيتري قدر کيس اعليٰ نالو ورثي ۾ مليو.


سو ايندڙ جھان، جنھن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنھن کي خدا ملائڪن جي تابع نہ ڪيو.


تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون.


ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ