Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:17 - Common Language New Testament

17 آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا، جيڪو جلال ڀريو پيءُ آھي تنھن کان دعا گھرندو آھيان تہ ھو اوھان کي دانائيءَ وارو روح عطا ڪري جيڪو خدا کي اوھان تي ظاھر ڪري تہ جيئن اوھين ھن کي پوريءَ طرح سڃاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تہ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا، جو جلال وارو پيءُ آهي، سو اوهان کي دانائي ۽ مڪاشفي جو روح بخشي؛ (تہ اوهين سندس معرفت حاصل ڪريو).

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور، جيڪو وڏي مهانتا وارو پتا آهي، سو ڏاهپ بخشڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پوِتر آتما کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:17
56 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.


پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.


عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي.


انھن وراڻيو تہ ”سائين! اسان جي اکين کي کوليو.“


اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


ڇالاءِ⁠جو ان وقت پاڪ روح اوھان کي اھو ڪي سيکاريندو جيڪو اوھان کي چوڻ کپي.“


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪي⁠بہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا.


يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.


اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِ⁠جو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي.


دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“


پر پاڪ روح استيفنس کي اھڙي سياڻپ ڏني جو جڏھن ھن ڳالھايو تہ اھي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


تنھن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگو! منھنجي ٻڌو. خداءِ⁠ذوالجلال اسان جي وڏي ابراھيم تي ان وقت ظاھر ٿيو، جڏھن حاران ۾ رھڻ کان اڳ ھو مسوپتاميہ ۾ رھندو ھو.


جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.


انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين يڪدل ۽ يڪ⁠زبان ٿي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ڪريو.


ھڪڙي کي پاڪ روح جي وسيلي ڏاھپ جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻئي کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي علميت جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن آءٌ اوھان وٽ اچان ۽ عجيب ٻوليون ڳالھايان تہ اوھان کي ڪھڙو فائدو پھچائيندس، جيستائين آءٌ اوھان سان ڪنھن مڪاشفي، يا علم، يا خدا جي ڪلام، يا تعليم جي وسيلي نہ ڳالھايان.


پر اسان تي خدا اھا پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ڪئي آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح سڀني ڳالھين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالھين کي بہ پرکي ٿو وٺي.


انھيءَ ڏاھپ کي ھن زماني جي حاڪمن نہ سمجھيو. جيڪڏھن اھي سمجھن ھا تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏھن بہ صليب تي ڪين چاڙھين ھا.


مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي، جيتوڻيڪ انھيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونھي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا آھن، ھاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي ساراھہ ٿي ڪجي. ھن اسان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري آسمان جي ھر ھڪ روحاني برڪت سان نوازيو آھي.


اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.


ايستائين جو اسين سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ ھڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. اھڙيءَ طرح اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون.


تنھنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آھن، تن کي اھو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھان جو ڪو ٻيو خيال ھجي تہ خدا انھيءَ کي بہ اوھان تي ظاھر ڪندو.


جيڪي سندس مخالف آھن تن کي ھو نرميءَ سان سمجھائي، شايد خدا انھن کي توبھہ جي توفيق بخشي تہ ھو سچ کي سڃاڻين.


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جو ٻانھو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. آءٌ انھيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آھيان تہ خدا جي چونڊيلن جي ايمان ڏانھن رھنمائي ڪريان ۽ کين انھيءَ سچائيءَ جي سڃاڻپ ڪرايان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح جا ايمان آڻڻ وارا ٿي ڪري اوھين طرفداري نہ ڪريو.


خدا پنھنجي الاھي قدرت سان اھي سڀ شيون پنھنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي ڏنيون آھن، جن جو تعلق زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان آھي. ھن اسان کي انھيءَ لاءِ سڏيو آھي تہ جيئن اسين کانئس عظمت ۽ نيڪي ماڻيون.


پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


چوڻ لڳا تہ ”آمين، اسان جي خدا جي تعريف، جلال، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت، ھميشہ ھميشہ تائين ھجي. آمين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ