Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:15 - Common Language New Testament

15 تنھنڪري ئي اوھان جو عيسيٰ مسيح تي ايمان ۽ خدا جي سڄي قوم لاءِ محبت جيڪا ظاھر ڪريو ٿا، تن بابت ٻڌي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 انهي لاءِ جيڪو اوهان جو ايمان يسوع مسيح تي آهي، ۽ جيڪا محبت اوهين سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن ظاهر ڪريو ٿا، تنهن بابت ٻُڌي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 اهو ئي سبب آهي جو پرڀو يسوع تي اوهان سڀني جي مضبوط وشواس ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ اوهان جي پيار بابت ٻڌي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اهو ئي سبب آهي جو خداوند عيسيٰ تي اوهان سڀني جي مضبوط ايمان ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ اوهان جي پيار بابت ٻڌي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يھودين ۽ غير⁠قوم وارن ٻنھي کي چتاءُ ڏنو اٿم تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


سڀ کان پھريائين آءٌ اوھان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنھنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي ايمان جون ڳالھيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رھيون آھن.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي اِفسس شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن.


جو خدا جي سڄي قوم سان گڏجي پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جي محبت جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونھائي ڪيتري آھي.


اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.


ھاڻي ڀائرن واري محبت بابت اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جي تعليم اوھان پاڻ خدا کان حاصل ڪئي آھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.


انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ تنھنجي باري ۾ ٻڌندو آھيان تہ تون خداوند عيسيٰ سان محبت ڪرين ٿو ۽ مٿس ايمان رکين ٿو ۽ سڀني ايمان وارن سان بہ محبت ڪرين ٿو.


ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


پر جنھن وٽ دنيا جو مال اسباب آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنھن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رھي سگھندو؟


جڏھن تہ مسيح جو اھو حڪم آھي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري تنھن کي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪرڻ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ