Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:2 - Common Language New Testament

2 دعا ۾ مشغول رھو ۽ شڪرگذاريءَ سان انھيءَ ۾ ھوشيار رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 دعا گهُرڻ ۾ قائم رهو، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ ۾ هوشيار رهو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پرارٿنا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مگن رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“


ھوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ اھو وقت ڪڏھن ايندو.


عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”ھر وقت دعا گھرندا رھو ۽ ھمت نہ ھارجو.“ انھيءَ لاءِ ھن کين ھڪڙو مثال ڏنو تہ


ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابن⁠آدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“


ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.


اميد ۾ خوش رھو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ ھميشہ مشغول رھو.


پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.


ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.


انھيءَ ڪري جنھن ڏينھن کان وٺي اسان اوھان جي باري ۾ ٻڌو آھي، اوھان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ ھي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل ھو سموري روحاني سياڻپ ۽ سمجھہ وسيلي اوھان کي پنھنجي مرضيءَ جي سڃاڻپ سان ڀري ڇڏي.


مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنھنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوھان کي تعليم ملي آھي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رھو.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


اوھين جيڪي⁠بہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.


اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو.


سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ