Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:18 - Common Language New Testament

18 آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 آئون پولس پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن سلام ٿو لکان. منهنجا زنجير ياد رکجو. شل اوهان تي فضل هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان نمسڪار لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي ڪرپا ٿيندي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان سلام لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي فضل ٿيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ خدا، جيڪو اطمينان ڏيڻ وارو آھي سو شيطان کي جلد ئي اوھان جي پيرن ھيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي.


آءٌ ترتيس، جيڪو خط جو لکندڙ آھيان، سو بہ خداوند جي معرفت اوھان کي سلام ٿو ڏيان.


منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن.


آءٌ پولس پنھنجن ھٿن سان ھي سلام لکان پيو.


تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.


انھيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو تہ خدا اسان لاءِ ڪلام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انھيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنھن جي ڪري آءٌ قيد ۾ آھيان.


آءٌ پولس، پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي ھر خط ۾ اھا نشاني آھي. آءٌ ائين ئي لکندو آھيان.


ڪي ماڻھو انھيءَ علم کي قبول ڪري ايمان کان گمراھہ ٿي ويا آھن. اوھان سڀني تي فضل ھجي.


تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.


شل خداوند تو سان ھجي. اوھان سڀني تي فضل ٿيندو رھي.


جيڪي مون سان گڏ آھن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين. ايمان وارا جيڪي اسان سان محبت ٿا رکن، تن کي سلام ڏج. شل اوھان سڀني تي فضل ھجي.


شل اوھان سڀني تي فضل ھجي. آمين.


قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ