Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:11 - Common Language New Testament

11 يشوع جنھن کي يوستُس ڪري سڏيندا آھن، تنھن بہ اوھان کي سلام ڏنا آھن. يھودين مان رڳو ھي ٽي ماڻھو آھن، جن خدا جي بادشاھيءَ لاءِ مون سان گڏجي ڪم ڪيو آھي. اھي منھنجي گھڻي تسليءَ جو سبب پئي ٿيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ يسوع، جنهن کي يوستس ڪري سڏيندا آهن، ۽ جي مختون آهن، تن اوهان کي سلام ڏنا آهن. رڳو اهي خدا جي بادشاهت لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا هم خدمت آهن ۽ اِهي ئي منهنجي تسلي جو سبب پئي ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مسيح تي وشواس رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي ايشور جي راڄ جو پرچار پئي ڪيو آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي سلام چوي ٿو. مسيح تي ايمان رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ پئي ڪئي آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايمان وارا يھودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا ھئا، سي حيران ٿي ويا تہ خدا پنھنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو،


جڏھن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ جيڪي ايمان وارا طھر ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا، تن ساڻس بحث ڪيو تہ


پرسڪلا ۽ اڪولا کي منھنجا سلام ڏجو، جن مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪئي آھي،


ھو انھن جو بہ پيءُ آھي جيڪي طھريل آھن، نہ رڳو انھيءَ لاءِ تہ اُھي طھريل آھن، پر انھيءَ لاءِ بہ تہ اُھي ايمان جي اھڙي زندگي گذارين ٿا جھڙي اسان جي پيءُ ابراھيم طھر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.


اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو.


تنھنڪري ياد رکو تہ اڳي پيدائشي طور اوھين غير قوم ھئا ۽ جيڪي ماڻھو جسماني طور ھٿ سان ڪرايل طھر جي ڪري پاڻ کي طھريل ٿا سڏين، سي اوھان کي اڻ⁠طھريل سڏيندا ھئا.


اي سچا ھم⁠خدمت! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انھن عورتن جي مدد ڪر، ڇالاءِ⁠جو انھن مون سان توڙي ڪليمنس ۽ منھنجي ٻين ھم⁠خدمت ساٿين سان گڏ خوشخبري ڦھلائڻ ۾ جانفشاني ڪئي آھي. ھنن سڀني جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آھن.


تُخِڪُس اوھان کي منھنجو سارو احوال ٻڌائيندو. ھو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ خداوند جو ھئڻ ڪري اسان جو ھم⁠خدمت آھي.


سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي.


تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنھنجي گھڻي تنگيءَ ۽ مصيبت ۾ بہ اوھان جي ايمان جي ڪري اوھان بابت تسلي ٿي.


ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي ماڻھو نافرمان، اجائي بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آھن، خاص ڪري انھن مان جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل پولس ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي خط تو، فليمون اسان جي پياري دوست ۽ گڏجي ڪم ڪندڙ ڏانھن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ